اڪرم بخارائي

اڪرم بخارائي

اڪرم بخارائي

اڪرم بخارائي: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر اڪرم بخارائي جو اصل نالو محمد اڪرم خاصخيلي ولد محرم علي خاصخيلي آهي. سندس جنم 2 مارچ 1965ع تي ڳوٺ محمد خان باگراڻي، تعلقي قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ٿيو. هن، ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد بي. ڪام سنڌ ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايم. اي (معاشيات) 1992ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي.
هن، عملي زندگيءَ جو آغاز ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئر (صداڪار) طور ڪيو، جتي سندس پروگرام ’اوهان جي فرمائش‘ ۽ مشھور براڊ ڪاسٽر نصير مرزا سان گڏ پندرنھن روزه پروگرام ’ادبي سنگت‘ ڳچ عرصي تائين نشر ٿيندو رهيو آهي. ادبي حوالي سان شاعري سان دلچسپي اٿس ۽ ’اڪرم بخارائي‘ جي ادبي نالي سان ڪاوش، عبرت ۽ سنڌ راڻي مئگزين ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي ٿي. ان کانسواءِ کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٽيھن ئي سرن کي تحت اللفظ رڪارڊ ڪري آن لائين ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. شاهه لطيف ڪانفرنس، ڀٽ شاهه ۽ لال قلندر ادبي ڪانفرنس، سيوهڻ جي مشاعرن ۾ پنھنجو ڪلام پيش ڪري چڪو آهي. حميد سنڌي جي بزم روح رهاڻ جو ميمبر ۽ ان پليٽ فارم تان 12 سال مسلسل ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۾ شرڪت پڻ ڪندو رهيو آهي. ’ڪاروانِ ادب سنڌ‘ جي طرفان منعقد ڪيل مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ طرحي مشاعرن ۾ به حصو وٺندو رهي ٿو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ’صوفي رنگ (2021ع)‘ ڇپيل آهي.


لفظ اڪرم بخارائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.03.02  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر اڪرم بخارائي جو اصل نالو محمد اڪرم خاصخيلي ولد محرم علي خاصخيلي آهي. سندس جنم 2 مارچ 1965ع تي ڳوٺ محمد خان باگراڻي، تعلقي قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه عبداللطيف ڀٽائي
علي نواز ڏاهري
ليلارام سيتائي شاعر
روشن تبسم
سيد بيرنگ بادشاهه
پلي محمد امين خليفو
علي دوست عاجز
زرڪ خان لاشاري
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
امام بخش خادم
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون